اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوليس جي وقت سر ڪارروائي سان اسان ڪنهن وڏي جاني نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم ڌماڪي ۾ ز??مي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هر ڪڌي ڪارروائي کي ناڪام بڻائينداسين.