اسلام آباد – 07 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي سيڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪا??ڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪا??ينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ??وي?? ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آه??. و??اقي ڪا??ينا واپار واري وزارت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري وزارت کان وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏ??. و??اقي ڪا??ينا چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع ت?? ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.