اسلام آبا?? – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي تڪبير ڏهاڙي کي سرڪاري موڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهندي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته تڪبير ڏهاڙو پاڪستاني قوم جي ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏي??هن پوري قوم هن ملڪ جي سالميت جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع ت?? ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول ڪري ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هلالي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو، تڪبير ڏهاڙو ٻاهرئين دشمنن سان گڏوگڏ اهڙن اندروني دشمنن، جيڪي ملڪ ۾ انتشار جي سياست سان هن ملڪ کي خطري ۾ وجهڻ چاهين ٿا، ا??هن جي ناپاڪ ارادن کي سدائين ناڪام بڻائڻ جي وچن جي تجديد جو ڏي??هن آهي. هن چيو ته 28 مئي تڪبير ڏهاڙو ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بنائڻ جي قدم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏي??هن آهي، ان ڏي??هن اسان ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سائنسدانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان ڏي??هن اهو وچن ڪري ٿي ته 28 مئي تي جهڙي طرح هن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ، ائين ئي اسان ڏي??هن رات محنت سان هن ملڪ جي اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏي??هن اسان اهو وچن ڪريون ته نه رڳو ٻاهرئين دشمنن پر پاڪستان ۾ موجود 9 م??ي جهڙن واقعن سان انتشار جي خواهشمند عنصرن جي شرپسندي کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان گڏوگڏ ڏي??هن رات محنت سان ناڪام بڻائينداسين.