اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي ??نهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي ??الن کان قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي ??الن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصل?? ڪي?? ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪي?? ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ??اڳ??پا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا ??هن. گڏيل ??اڳ??پن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي ??اڳ??پن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر – م 17:57