سرينگر -05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ترسيل ??شم??ري اڄ ”يوم استحصال ??شم??ر“ ملهائي رهيا آهن. مودي حڪومت والاريل ڄمون ??شم??ر ۾ پنهنجي هندو پرست ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ظالماڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس مطابق حريت اڳواڻن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن جو واحد مقصد ڄمون ??شم??ر کي مسلم اڪثريت مان غير مسلم اقليتي علائقي ۾ تبديل ڪرڻ هو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ??شم??ر ۾ پنهنجي هندو پرست ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ظالماڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي. حريت اڳواڻن چيو ته ڀارتي ڏاڍ ۽ ظالماڻين حرڪتن باوجود ??شم??رين جا حوصلا بلند آهن ۽ هو پنهنجي آزادي واري تحريڪ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن. ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪندي والاريل ڄمون ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ جاڻايل علائقي تي فوجي ۽ پوليس گهيراءُ لاڳو ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن کي والاريل ڄمون ??شم??ر ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو. اڄ آزاد ڄمون ??شم??ر، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??ري والاريل ڄمون ??شم??ر جي سنگين صورتحال ڏانهن عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪري رهيا آهن. يوم استحصال ??شم??ر ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن پنهنجن پنهنجن بيانن ۾ چيو ته 5 آگسٽ ڄمون ??شم??ر جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ??ڏهن ته ڀارت ڄمون ??شم??ر تي حملو ڪري ??شم??رين جي منفرد سڃاڻپ کسي ورتي آهي. هنن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان پوءِ اهو ٻيو موقعو هو جڏهن ته ڀارت پنهنجي سامراجي ۽ مسلم دشمن ذهنيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.