اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ڄمون ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي جڏهن ته ايوان مطالبو ڪيو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي ??اري ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي سنجي??گي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي ??رپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي ??مهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، قرارداد ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل هڪطرفي قدمن کي هرسال يوم استحصال طور ملهايو ويندو آهي جيڪو ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير تي پنهنجو ڏاڍ برقرار رکڻ جي ڀارتي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڄمون ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ??يجنڊا تي اڃان تائين موجود پراڻ?? تڪرارن مان حل طلب هڪ مسئلو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ??ه ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي ??دوجهد جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڪشميري عوام جي همت ۽ حوصلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير جي ??بادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته ڀارتي آئين جي ??ابع ڪو به سياسي عمل ڄمون ڪشمير جي ??وام جي ??ود اراديت واري حق جي ??ستعمال جو متبادل نٿو ٿي سگهي، جهڙي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ لکين ڀارتي فوج جي موجو??گي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن سان ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جي ??ڀ کان وڌيڪ عسڪري خطن مان هڪ بڻجي چڪو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿو ۽ هزارين ڪشميري سياسي قيدين جي مسلسل اسيري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان اهڙي ڇوٽ جي مذمت ڪري ??و جنهن سان ڀارتي فوج انصاف جي نفي ڪندڙ غاصباڻي قانونن تحت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رکيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ??والي سان ڀارتي اڳواڻن جي ??نهن غير ذميواراڻي بيانن کي هي ايوان رد ڪري ??و جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ هي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به جارحاڻي قدمن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي ??اري خلاف ??رز??ن کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي سنجي??گي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي ??رپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي ??مهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اسپيڪر، قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.