لاهور -07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌو درياهه ۾ چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، پي ڊ?? ايم اي جون مت??ثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پي ڊ?? ايم اي جي ترجمان موجب ڊيره غازي خان تونسا ۽ ڪ??ٽ چٽا تعلقي جي سنڌو درياهه جي ڪناري آباد 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب مت??ثر ٿيا آهن. پي ڊ?? ايم اي ۽ ضلعي انتظاميه جي اڳواٽ قدمن سبب ڪو به جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ڊي جي پي ڊ?? ايم اي چيو آهي، ته مت??ثر علائقن مان شهرين ۽ سندن چوپائي مال کي وقت سر ريسڪيو ويو. ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ 8 ٻيڙيون ۽ 34 ورڪرز امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، 61 ماڻهن ۽ 650 کان وڌيڪ چوپائي مال کي وقت سر محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، پي ڊ?? ايم اي موجب عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي.