ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ترقياتي م??صو??ن، امن امان ۽ سماجي ترقي جي قدمن بابت خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوبي جي وفاقي ترقياتي م??صو??ن جا فنڊز وقت سر جاري ڪ??ڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪ??ڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ترقي جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اس??اق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪ??ڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اس??ن سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري رهيا آهيون ۽ صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي م??صو??ا بجيٽ جو حصو بڻايا ويا آهن باقي 25 سيڪڙو م??صو??ن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري جي نظام جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي م??صو??ن جي وقت سر تڪم??ل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اس??ن وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ترقياتي م??صو??ن جا فنڊز وقت سر جاري ڪ??ڻ جي لاءِ قدم کڻندي.