اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ريليف پئڪيج جي آجيان ڪندي چيو آهي ته 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ ??ونٽ 14 رپيا ڪرڻ جو ريليف بنا ڪنهن شڪ جي ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو عوام دوست بهتر قدم آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته م??ان محمد نواز شريف جي هدايت تي قلمدان سنڀاليندي ئي عوامي ريليف کي حڪومت جي اولين ترجيح رکيو، تازو ئي اسان وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب ڪاٽي بجلي جي قيمتن ۾ ريليف ڏنو جنهن سان 200 يونٽ وارا صارفين فا??دو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي چوري جي خلاف قدمن ۽ بجلي جي شعبي جي سڌ??رن سان ان جو پائيدار حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام کانپوءِ ??اڻهن جي زندگي آسان ڪرڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ ??لڪ صحيح رخ طرف گامزن آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي پائيدار حل جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ ??ر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.