اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل ع??لد??رن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ??يٽا جي مهارت مان ??ائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??يٽا جي 5 رڪني وفد ملاقا?? ڪئي. وفد ج?? قيادت ميٽا جي ايشيا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ??يٽا جي مهارت مان ??ائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل ع??لد??رن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ??ڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو و??جاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪ?? ڪئي.