اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر ??ندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آبادي ٿيندي. م??تق??ل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ کان اڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پاڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آبادي کي جلد کان جلد پاڻي فراهم ڪرڻ ??ڪومت جي اولين ت??جيح آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر ??هندي ان جو حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ اربن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي اربن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ ??ي سوچڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان اربن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي آهي، مون کي پو??ي اميد آهي ته رٿابندي واري وزير جي نگراني هيٺ جلد کان جلد ڪينال ۾ پاڻي جي بحالي سميت م??تق??ل ۾ بهترين لائحه عمل جوڙيو ويندو.