اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ وچ ايشيا جي برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ، هميش فالڪنر ايم پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ برطانيه ??چ ۾ انساني حقن، قانوني معاملن ۽ گڏيل تعاون کي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان ??نساني حقن جي تحفظ ۽ قانوني سڌارن جي مُک علائقن ۾ لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان ??اري پريس رليز موجب ??فا??ي وزير پاڪستان ??رفان ??نساني حقن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ عالمي قانوني دائره ڪار تحت انساني حقن جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان ??ي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران ??المي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مدد تي زور ڀريو ويو. ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ هميش فالڪنر انساني حقن جي حوالي سان ??عاون ۾ وڌيڪ بهتري، مسلسل مڪالمي ۽ بهترين عملي تجربن جي ڏيوٺ ذريعي مضبوط لاڳاپا برقرار رکڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين يقين ظاهر ڪيو ته جاري تعاون پاڪستان ۽ برطانيه ??چ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪندو ۽ سندن شهرين جي بهترين مفاد ۾ خدمتون انجام ڏيندو.