اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي ز??دا??ي جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪر?? لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جمهوريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ??ين??ي چيو ت?? قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جمهوري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جمهوريت جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ت?? مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جمهوري عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪ??دا?? کي جمهوريت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ت?? اسان جو مستقبل جمهوري ادارن کي مضبوط ڪر?? ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جمهوريت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چيو ت?? بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جمهوريت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ت?? هنن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو. انهن جي ميراث جمهوري قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي ز??دا??ي چيو ت?? جمهوريت ذريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿو.