اسلام آ??اد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي ??سپ??ڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبن??ن ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. ??سپ??ڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ??سپ??ڪر چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ??اءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ??سپ??ڪر چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. ??سپ??ڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. مصر جي سفير ??سپ??ڪر جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.