اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪي??رن ئي سالن کان قيد 5 عو??تن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسا?? جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪي??رن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدي?? جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان واپس آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خا?? جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خا?? جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عو??تن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدي?? جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدي?? جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدي?? جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.