اسلام ??با?? – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي ??هشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي ??بي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد پاڪستاني نه پر پاڪستان جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت مڪمل طور ت?? متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.