اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب معيشت، زراعت، کاڻي?? جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي ت??مير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستا?? جي دوري تي آيل سعودي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستا?? جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستا?? جي گهري احترام ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستا?? جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ??ورا مڃيا. صدر چيو ته سعودي عرب جي ت??قي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستا?? جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي ??سيلن ۽ قابل تج??يد توانائي جي صلاحيت کي ت??ليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستا?? جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻي?? جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ت??اون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ت??او?? جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي ??يٽروليم وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.