اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان واقعي جي پرزور مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ مارجي ويل پورهيتن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيرا??ظم چيو ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، وفاقي حڪومت شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيرا??ظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي ??اءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.