اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير معاملن بابت ??فا??ي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اسلام آباد ۾ ٿ??ندڙ اجلاس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز ??ريف ۽ سندس ڪابينه جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جو نتيجوآهي. ڪالهه هتي جاري بيان ۾ ??فا??ي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جو رٿجڻ بيشڪ موجوده حڪومت جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ بهترين سفارتڪاريءَ جو چِٽو ثبوت آهي، ان جو مطلب آهي ته سڄي دنيا پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ??ري رهي آهي. ان ڪانفرنس جو رٿجڻ سان پاڪستان کي دوست ملڪن سان ثقافتي، واپاري، تاريخي ۽ سلامتي جي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بنائڻ جو موقعو ملندو. پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي شريڪ ملڪن سان علائقائي استحڪام جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ان سان پاڪستان ۾ واپاري ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن ۾ واڌ جو رجحان پيدا ٿيندو، جنهن سان ملڪ جي به??ري ۽ خوشحاليءَ لاءِ نيون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس خطي جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي جائزو به وٺندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙ م??ڪن جو نه صرف پاڪستان تي اعتماد وڌندو پر واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي پڻ اثرائتي هٿي ملندي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو انهن حالتن ۾ بندوبست ڪرڻ پاڪستان جي وزيراعظم جي سياسي ۽ سفارتي سنجيدگيءَ کي ظاهر ??ري ٿو، ملڪ وڌيڪ سفارتي اڪيلائپ کي برداشت نٿو ??ري سگهي، اسان کي هر پل ملڪي مفادن لاءِ تابعدا رهڻو آهي ته جيئن ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ??ري سگهجي، ملڪ کي سفارتي سطح تي پيش ايندڙ اڪيلائيپ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ به پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڏانهن وڃي ٿو. امير مقام وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ پڻ وزيراعظم پاڪستان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن ۾ اسرائيلي ڏاڍ ۽ بربيت ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خاتمي لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي دهشتگردي جيڪا لبنان، ايران، فلسطين ۽ ٻين ملڪن تائين ڦهلجي رهي آهي، ان جي ازالي لاءِ مسلم اُمت گڏ ٿئي ۽ اهڙو لائحه عمل اختيار ??ري جنهن سبب اسرائيل دهشتگردي ظلم ۽ بربريت جو مڪمل طور تي خاتمو ??ري سگهجي.