اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئ??ن ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائ??ن مٿانهون رکن، ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثا??و آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئ??ن مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاش??ن ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون کي اطمينان آهي ته توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ذريعي ٿي آهي، ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثا??و آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائ??ن مٿانهون رکو، ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳوليو. آفيسرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل اسٽيشنز جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.