اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزي?? محسن نقوي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪنهن قسم جي رعايت جا حقدار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزي?? محسن نقوي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ??هي??ن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت ??هي??ن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفاقي گهرو وزير زخمين جي جلد صحتي??بي لاءِ دعا ڪئي.