باڪو – 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ چيو آهي ته ماحولياتي ??بديلي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري چوماسي جي برساتن، ٻوڏ ۽ گليشيئرز پگهرڻ سان اسان جي آبادين تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن، فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسرندڙ ملڪن سان ماحولياتي ??بديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جا ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. ڪوپ 29 جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زهريلي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ 0.5 سيڪڙو آهي، ٻين ملڪن جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو وڌيڪ آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري تي ??ور ڏنو ويو آهي ته پيرس ايگريمنٽ، ڪوپ 27 ۽ ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. هن چيو ته ماحولياتي ??بديلي جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ماحولياتي ??بديلي جي ڪري ايندڙ نسلن جي مستقبل کي خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان پويلين سڀ کان وڌيڪ متحرڪ پويلين آهي، ماڻهو هتي ??چي رهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ موسمياتي ??بديلي جي نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي ??بديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ملڪ جي فنانس اسٽريٽجي هجڻ گهرجي، ان سان تمام گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. ان سان ڊونر ايجنسي يا ترقي يافته ملڪن کي به مدد ملندي ته اهي اڳ ۾ موجود اسٽرڪچر تحت فنڊنگ ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان پنهنجي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ اهو احساس پيدا ڪري رهيا آهيون ته ماحولياتي ??بديلي سان ٿيندڙ نقصان اسان پنهنجي ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏينداسين. عطاءُ الله ??ارڙ چيو ته ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي ??بديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن سان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان جيترو ڪم ڪيو وڃي گهٽ آهي. ان موقعي تي ??طلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان پويلين ۾ بلوچستان جي ضلعي حب سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره جي اسٽال تي ويو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره پاڪستان جو آواز آهي جنهن هتي موسمياتي ??بديلي جي ڇوڪرين جي تعليم تي پوندڙ اثرن تي ??واز اٿاريو آهي. هن چيو ته اسان کي زنيره جهڙين ٻارڙين تي فخر آهي، زنيره يو اين پاليسي پيپر ۾ به حصو وڌو. هن چيو ته بلوچستان جي ٻارڙين ۽ تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي، بلوچستان جون باشعور عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ٻارڙي زنيره گلوبل ڪاز جي لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي ان جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ اهڙيون ٻارڙيون موجود آهن جيڪي نه رڳو پاڪستان پر پاڪستان جي ڪاز تي يقين رکن ٿيون ۽ موسمياتي ??بديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پاڪستاني ٻارڙين جو مستقبل تمام روشن آهي، زنيره جهڙيون ٻارڙيون پاڪستان جو پوري دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان پويلين جي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.