اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قوم کي رحمت جي برسات جي لاءِ نماز استسقاء ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قوم کي درخواست ڪئي آهي ته اها نماز استسقاء ادا ڪري ۽ الله تعا??يٰ کان رحمت جي برسات جي لاءِ خصوصي دعا گهري وڃي. وزيراعظ?? عالم سڳورن کي چيو ته اهي خاص طور تي نماز استسقاء جي اهتمام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، برسات پوڻ سان ماحول ۾ بهتري ايندي، ب??مارين مان ڇوٽڪارو ملڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته الله تعا??يٰ آڏو خصوصي دعائون گهريون وڃن ته جيئن انساني زندگي کي ان تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبن جي اهتمام هيٺ سمورين مسجدن ۾ نماز استسقاء جو اهتمام ڪيو وڃي، موجوده صورتحال رحمت جي برسات جي شديد ضرورت آهي.