اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بيلاروس جو پرڏيهي وزير، توانائي وارو وزير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزير سميت چيئرمين ملٽري ا??ڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شامل آهن. گهرو وزير بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وزير چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي ا??ميت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان ل??ڳا??ن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان ل??ڳا??ن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.