اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر ا??يگ??ينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ا??واڻن گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوها?? جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ا??واڻن گذ??يل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري ا??ڀرائي تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بيلا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي ا??واڻن عالمي ۽ علائقائي ا??ڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.