اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي ۽ شام جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ۽ فوجي ??ڪاڻن جي ??ڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسان شام جي خودمختياري ۽ لائقائي سالميت جي حمايت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طاقت جي ذريعي اسرائيل جي ??بضي کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??رارداد 497 جي ??اءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي الحاق کي ”باطل ۽ عالمي قانوني اثر کانسواءِ“ قرار ڏي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ شام ۽ لبنان ۾ اسان جا مشنز شام ۾ پاڪستانين جي ??طن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ سرگرم عمل آهن. ترجمان چيو ته اٽڪل 475 پاڪستاني بشمول 250 زائرين شام جي سرحد عبور ڪري لبنان پهچي چڪا آهن، انهن کي بيروت کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ لبنان جي حڪومت پاران ڏني ويندڙ حمايت کي سارا??يو?? ٿا.