اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن، قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چي?? آهي ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ڪري رهي آهي، نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناهي ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر دنيش ڪمار، سيد مسرور احسن جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ڪري رهي آهي، وزير پگهار نه پيا وٺن، هو بجلي ۽ گئس جو بل قانون موجب ادا ڪن ٿا، سندن پگهارون قانون موجب مقرر ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي حصي جون قربانيون ڏئي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناهي ڪئي وئي، نادرا جون ڏورانهن وارن علائقن ۾ آفيسون آهن، معذور ماڻهن ??ي انهن جي گهر جا چائن?? تي وڃي نادرا سهولتون فراهم ڪرڻ جا حامي آهيون.