اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلادي?? جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي و?? ۾ ??لاقات ٿي جنه?? ۾ ??اڪستان ۽ بنگلادي?? جي و?? ۾ ??يڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر حصيداري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلادي?? جي و?? ۾ ??راڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنه?? ملڪن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاسٽا جو پروگرام پاڪستان ۽ بنگلادي?? جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي جي موقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلادي?? جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻنه?? ملڪن جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي پروگرامن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنه?? ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس تي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.