اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ ??وج?? عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي ??وج?? عدالتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه ??وج?? عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل ??وج?? عدالت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم ??وج?? ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عدالت درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته هو عدالت کي ??وج?? عدالت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.