اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سا??بر اسپيس کي محفو?? بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هي قدم مل??ي شهرين، ڪاروبارن ۽ سرڪاري ادارن جي آن لائين ڊيٽا جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ڊيجيٽلائيزيشن پاران سفر شروع ڪيو آهي جنهن سان سا??بر حملن جا خطرا به وڌي ويا آهن، ان حوالي سان ٺوس قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائبر/ انفارميشن سيڪيورٽي بابت ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.