فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ج??مع ترقي لاءِ 60ع جي ڏهاڪي ??ي صنعتي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صنعتڪارن جي مشاورت سان نئين پاليسي جوڙي ويندي. هو فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کانسواءِ اسيمبلي ميمبر ۽ صنعتڪار به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته 1960ع ??ي صنعتي پاليسين ج?? ڪري پاڪستان تيزي سان ترق?? ڪري رهيو هو جڏهن 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سوشلزم جي نالي تي صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ اهو جواز پيش ڪيو ته پاڪستان جي سموري دولت 22 خاندانن تائين محدود آهي، هن چيو ته اسان کي نيشنلائيزيشن جي پاليسي بدران اضافي سرمايو غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ قانونساز?? ڪرڻ گهربي هئي. هن چيو ته هاڻي به صنعتي فروغ جي ضر??رت آهي ته جيئن سيڙپڪار پنهنجي دولت وڌائڻ سان گڏوگڏ اضافي سرمايو ماڻهن جي غربت جي خاتمي تي به خرچ ڪن، هن چين جو مثال ڏنو ۽ چيو ته چين ان طريقيڪار تحت صنعتڪارن جي ۽ پوءِ انهن جي سرمائيڪارن دولت وڌائي ۽ پوءِ 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا نه ڪرڻ گهرجي ته وڌيڪ پئسو ڪمائڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي، هن چيو ته سيڙپڪارن کي ج??ئز طريقي سان منافع ڪمائڻ گهرجي ۽ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ضر??ري سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن،