ڪراچي – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيو آ??ي ته پوري ڪوشش ڪري رهيا آه??ون ته پاڪستان ترقي جون منزلون ماڻيندو رهي، ڪراچي کان پشاور تائين موٽر وي ٺاهيو ويندو، بلوچستان جي چپي چپي ۾ رستا ٺهي رهيا آه??، بجلي ۽ گئس جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن سبب ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آ??ي، برآمدات ۾ اضافي لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو وٺي رهيا آه??ون، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 40 ه??ار جي بلند ترين سطح تي آه??، اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين ڪارڪردگي جي حامل ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ترقي جو نئون باب کلي رهيو آ??ي، 2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نه رڳو سڄي ملڪ ۾ ڪارخانا لڳايا پيا وڃن پر بجلي سستي به ڪري رهيا آه??ون، پي آءِ اي، ريلوي سميت ٻين ادارن کي بهتر بڻائي رهيا آه??ون.