اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان عام م??ڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام م??عارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪ??مت??ن 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام م??ڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام م??ڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيرا??ظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪ??مت?? جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام م??عارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.