اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ قوم جي لاءِ وقت ڪڍندڙ نوجوان قوم جا هيرو آهن، ضلعي، تع??قي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ٽائيگر فورس کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ انتظامي سطح تي بهتر رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن ٽائيگر فورس بابت اعليٰ سطحي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڏني.