اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙج?? کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ ق??نط??نه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ??نص??بابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي و??ير ??سد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي و??ي آهي، ان موقعي تي وفاقي و??ير ??سد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي و??ا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ ق??نط??يه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.