اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو اڀي نندن جي حوالي سان بيان، پي ڊي ??يم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدالتي مفرور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلوچستان ۾ آزاد بلوچستان جو نعرو آئين جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اياز صادق ۽ پي ڊي ??يم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شي?? تي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اياز صادق جي بيا?? تي ڀارت ۾ مٺايون ورهايون پيون وڃن، ن ليگ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي سياست ذات بدران ملڪي مفادن جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪنهن به اڳوان آزاد بلوچستان جي نعري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ??يم جو بيانيو ئي دشمن جي بياني کي فروغ ڏيڻ آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشمن جي بياني کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پي ڊي ??يم جي پليٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادار?? تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ مح??وظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.