اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورون?? جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي اي?? جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورون?? جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، ??وام احتياطي ??دبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورون?? جي صورتحال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.