اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? زنا جي روڪٿام جو آرڊيننس 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن ايوان صدر ??ي ميڊيا ون?? مان جاري بيان موجب آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارن جي خلاف جنسي زيادتي جا معاملا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي، جنسي زيادتي جي جوابدارن جي تيز ٽرائيل ۽ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ خص??صي عدالتُون قائم ڪيُون وينديُون.