اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ محفوظ ۽ بهترين ڪم ڪرڻ جي حالتن ۽ س??اجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پورهيتن جي عا??مي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پورهيتن جي عا??مي ڏينهن جي موقع?? تي اسان پنهنجي سمنڊ پار پاڪستاني پورهيتن سميت صنعت، زراعت ۽ غيررسمي معيشت ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.