اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ ??ئي?? سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. و??ير??عظم سان او آءِ سي پر??يهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پر??يهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. و??ير??عظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. و??ير??عظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي ??ئي?? سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. و??ير??عظم پر??يهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پر??يهي وزير شاندار استقبال تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.