اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ مصالح?? جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امداد لاءِ ٻي?? جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريو?? جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، ادارن ۾ مثالي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواه?? رکندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان م??ڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڪا به طاقت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستا?? جي سفير?? جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.