اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگ??ر جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سا?? گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگ??ر جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته نجي شعبو روزگ??ر جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نجي شعبو تڏهن مض??وط ٿيندو جڏهن اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪو??ت ڪيترائي قدم ک??يا آهن، حڪو??ت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن جي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سا?? 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سا?? ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.