اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته ڪشميرين جو پاڪستان سان الحاق ثبوت آهي ته انهن جي دل ۾ پاڪستان آهي، اهو فيصلو طاقت ۽ ڏاڍ ذريعي زير ڪندڙن جي منهن تي تا??يخ جي زو??دار چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منزل ح??صل ڪرڻ تا??ين انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت پوري قوت سان جاري رکنداسين.