اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عق??دت پيش ڪندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين ياد رهنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ت?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عق??دت پيش ڪريون ٿا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين روشن رهنديون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هن انهن سورن جي ستايل ماڻهن جي زخم?? تي مرحم رکيو جن کي معاشر?? قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.