اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس (ا?? پي سي) احت??اب کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جار?? پيغام ۾ هن چيو ته قوم چڱي ريت ڏٺو آهي ته مخالف ڌر ذاتي فائدي ۽ مقصدن جي لاءِ سياست جو استعمال ڪيو ۽ ذاتي ملڪيتن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ جو استعمال ڪيو.