اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي ن??ين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اه??يت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانستان جي ن??ين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي?? عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪ??ي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خاص اه??يت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.