اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه صدر پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني سان ڳالهائيندي جنهن سا??س ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي قطري سفير کي ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن?? ۽ ??يو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ج?? زبردست امڪان موجود آهن. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ قطر کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي.