اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان کي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي ملي آه??، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪر?? ڇڏيو آه??، عمران خان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخالف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي جائيدادن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آه??، اڄوڪي اليڪشن مان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آه??، پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪندي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ مان به رد ٿي چڪي آه??. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته ملڪ هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي سياست پاڪستان جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفادن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شر??ع ٿي، استعيفائن جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه ڪر?? رهيا آه??. هن چيو ته اها حقيقت آه?? ته پاڪستان جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آه??، هن چيوته ته اڄوڪي سبق مان پي ڊي ايم جي سياسي تد??ين ٿي چڪي آه?? ان تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪر??ان ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي موقعي تي مخالف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي به مخالف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته عمران خان هڪ نڊر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ آه??. هو ملڪ ۽ قوم کي ترقي طرف وٺي ويندو.