چڪدر?? – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏيوالپڻي سان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو وي??، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته اسان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 اسان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، مشڪل حالتن مان اسان نڪري آيا آهيون، سياحت جي شعبو ترقي ڪندو ته روزگار جا موقعا وڌندا، ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي وڏي اهيمت آهي، اهڙا منصوبا لڳائي ر??يا آهيون جنهن سان ملڪي دولت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شعبي جي فروغ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دن??ا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪو آهيان، نمل يونيورسٽي پاڪستا?? جي آڪسفورڊ يونيورسٽي بڻجندي. القادر يونيورسٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي وي??دي، دن??ا جي وڏن وڏن اسڪالرن کي ا?? جي بورڊ ۾ شامل ڪيو وي?? آهي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت فراهم ڪئي وڃي ته جئين اسان کي پتو پئجي سگهي ته دن??ا ۾ اسا?? جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آهي، انسان کي دن??ا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي لاءِ انسا?? جي زندگي جو مقصد نه آهي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏهن انسان سڌي رستي تي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پتي ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پتو ئي ناهي ته انهن وٽ ڪيتري دولت آهي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو وي??، اهڙي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏهن انسان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندا هجن، ڪڏهن اسپتال ۽ ڪڏه?? جيل وڃي ر??يا هجن، اهو اسا?? جي لاءِ عبرت جو مقام آهي، مسلمان دن??ا جي وڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.