اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي فوري ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايف آءِ اي کي اسمگلنگ جي خلاف موثر ڪريڪ ڊائو?? جي مانيٽرنگ رپ??رٽ باقاعدگي سان پيش ڪرڻ ۽ ??لو??ستان ۾ بارڊر مارڪيٽس قائم ڪرڻ جي منصوبي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين شي?? جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.